اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف پهريان شرط پورا ڪرائي ڇڏيا آهن، هاڻي معاهدو ان ڪري دير جو شڪار آهي جو دوست ملڪن مان ملندڙ رقم جو پهريون بندوبست ڪرائي، اسان جي دوست ملڪ چين ڪجهه پيسا ڏنا آهن، سعودي عرب تعاون جو اشارو ڏنو آهي، يو اي اي ۽ قطر سان به ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، جيئن ئي دوست ملڪن کان گارنٽي ملي ويندي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو.