ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي کروڙ ڪچي واري علائقي ڳوٺ عبدالله گلراڻي مزاري مان 8 ورھين جو نينگر خير بخش مزاري مبينا طور اغوا ٿي ويو،بخت مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10 کان وڌيڪ ھٿياربند گھر ۾ داخل ٿي پٽ کي اغوا ڪري ويا، حاجي خان شر پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو، پر پوليس اغوا ڪارن خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آندي، خير بخش مزاري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي