اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 10 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي، حاجين کان ورتل اضافي رقم واپس ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي تفصيل موجب  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، صحت وزارت 10 دوائن جون قيمتون وڌائڻ جي سمري پيش ڪئي، جنهن کي رد ڪندي وزيراعظم چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي بلڪل به حمايت نه ڪندس، وفاقي ڪابينا حاجين کي به اضافي رقم واپس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا کي حڪومتي حج ڪوٽا تي حج جي اوور بڪنگ جي مامري تي انڪوائري رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي حوالي سان مسئلا هئا پر ڪنهن قسم جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا آهن، بينڪن طرفان حاجين کي اضافي رقم ادا ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته بينڪن کان پڇيو وڃي ته انهن هن حوالي سان لاپرواهي ڇو ڪئي، وفاقي ڪابينا جن ملڪن سان قانوني مدد جو معاهدو ناهي ٿيل انهن سان گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي سمري به منظور ڪري ڇڏي آهي،  وفاقي ڪابينا اليڪٽرڪ پکن جي گهٽ ۾ گهٽ پرفارمنس اسٽينڊر جي مدت ۾ 30 جون 2023 تائين توسيع ڏني آهي، وفاقي ڪابينا اميگريشن آرڊيننس جي سيڪشن 15 ۾ ترميم، گيس چوري ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ترميم جي به منظوري ڏني، ان کانسواءِ  ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪاميٽي جي 2 سيپٽمبر  تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اي سي سي پاران ٻوڏ متاثر علائقن کي شيون فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيليٽي اسٽورز لاءِ 54 ڪروڙ ۽ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي اي سي سي واري فيصلي جي منظوري ڏني، وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت مقرر ڪرڻ، ملڪ اندر يوريا جي تقسيم لاءِ صوبن وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ لاءِ ناڻي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما، واپار جي وفاقي وزير سيد نويد قمر، جهاز راني جي وفاقي وزير فيصل سبزواري ۽ وزيراعظم جي ڪشمير بابت صلاح قمر الزمان ڪائره تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، وفاقي ڪابينا افغانستان ۾ قائم 3 پاڪستاني اسپتالن لاءِ به رقم جي منظوري ڏني.