لاهور (م ڊ) ق ليگ جو وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي تي مڪمل اعتماد جو اظهار، پرويز الاهي چيو آهي ته افواهه پکيڙيندڙ مخصوص پروپيگنڊا تي هلي رهيا آهن، وزيراعليٰ پرويز الاهي جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ق جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، پارلياماني پارٽي چوڌري پرويز الاهي جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته چوڌري پرويز الاهي سان گڏ بيٺا آهيون ۽ گڏ بيٺل رهنداسين، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته مسلم ليگ ق قائد اعظم متحد آهي ۽ متحد رهندي، افواهه پکيڙيندڙ مخصوص ايجنٽ تي هلي رهيا آهن.