دنا نير جي ڪنوار واري لباس ۾ تصويرون وائرل

0
564

ڪراچي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا اسٽار دنا نير جي ڪنوار واري لباس ۾ تصويرون وائرل ٿي ويون. تفصيل موجب سوشل ميڊيا اسٽار دنا نير انسٽاگرام تي تصويرون شيئر ڪيون جيڪي منٽن ۾ وائرل ٿي ويون ۽ صارفين پاران واکاڻ پڻ ڪئي وئي. چيو پيو وڃي ته دنا نير جو اهو خوبصورت لباس محسن نويد رانجها ڊزائن ڪيو، تصويرن ۾ دنا نير کي ڪنوار واري لباس ۾ انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڪجهه صارفين دلچسپ تبصرا ڪندي چيو آهي ته لڳي ٿو دنا نير جلد ئي حقيقي زندگي ۾ ڪنوار بڻجڻ واري آهي.