منهنجو پٽ لنڊي جا ڪپڙا پائيندو آهي:اڪشي ڪمار جو انڪشاف

0
28
منهنجو پٽ لنڊي جا ڪپڙا پائيندو آهي:اڪشي ڪمار جو انڪشاف
منهنجو پٽ لنڊي جا ڪپڙا پائيندو آهي:اڪشي ڪمار جو انڪشاف

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اڪشي ڪمار جو شمار انڊسٽري جي ڪامياب اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي سخت روٽين ۽ ايڪشن سينز جي ڪري مشهور آهي. اڪشي ڪمار تازو ئي هڪ انٽرويو دوران پنهنجي پٽ آراو جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي

اداڪار چيو ته اسٽار ڪڊ هجڻ باوجود پٽ آراو فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ جو خواهشمند ناهي ۽ پنهنجي ڪيرئر فيشن انڊسٽري ۾ ٺاهڻ چاهي ٿو. اداڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته آراو سادو ڇوڪرو آهي، ۽ هو سادگي واري زندگي گذارڻ پسند ڪندو آهي، اسان ڪڏهن به پٽ کي سينيما ۾ اچڻ لاءِ زور ناهي ڀريو

اڪشي ڪمار جو چوڻ هو ته 15 سال جي عمر ۾ پٽ پنهنجي پڙهائي لاءِ لنڊن هليو ويو هو، هو هڪ آزاد ڇوڪرو آهي، هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي سڀ ڪم پاڻ ڪندو آهي