اهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو جن جي رليز نه ٿيڻ جي دعا ڪئي:نينا گپتا

0
155

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا نينا گپتا انڪشاف ڪيو آهي ته اهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو جن جي رليز نه ٿيڻ جي دعا ڪئي هئي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نينا گپتا چيو ته ٽي وي تي ڪڏهن به اهڙو ڪردار نه ڪيو جيڪو مونکي پسند نه هجي پر ان جي ابتڙفلمن ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار ڪيا جن کي ڪرڻ لاءِ راضي نه هيس. هن چيو ته مجبوري تحت اهي ڪردار ڪيا پر دعا ڪندي هيس ته اهي فلمون رليز نه ٿين. هن چيو ته مونکي اهڙو فضول ڪم ڪرڻ تي افسوس آهي.