دفاعي ايريا ۾ ويندڙن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت فوجي عدالتن ۾ ٿيندو: وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله

0
162
دفاعي ايريا ۾ ويندڙن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت فوجي عدالتن ۾ ٿيندو
دفاعي ايريا ۾ ويندڙن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت فوجي عدالتن ۾ ٿيندو: وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته 499مان رڳو 6ڪيس امڪاني طور  ملٽري ڪورٽ ۾ هلي سگهن ٿا

پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته پنجاب مان رڳو 19 ۽ ڪي پي مان 14جوابدارن کي ملٽري اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي

گهرو وزير چيو ته 9مئي واقعن تي مجموعي طور 499 ايف آءِ آرز داخل آهن جن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

اي ٽي اي جي ڪيسن ۾ 3944 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 88 دهشتگردي ٽوڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن

گهرو وزير چيو ته اعتراض اٿاريو پيو وڃي ته ملٽري ايڪٽ سولين تي لاڳو ٿي رهيو آهي، فوجي ملڪيتن تي حملا ڪندڙن، موڪليندڙن ۽ مدد ڪندڙن تي ملٽري ايڪٽ لڳندو

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ ملٽري ايڪٽ اتي لاڳو ٿئي ٿو جتي دفاع بابت هنڌ هجي جڏهن ته جناح هائوس ڪور ڪمانڊر رهائشگاهه ۽ ڪيمپ هائوس هو

ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ تمام حساس شيون موجود هيون اتان کنيل شيون جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسري ملڪ کان استعمال ٿي وڃي ته ڇا اهو سياسي احتجاج هوندو

گهرو وزير چيو ته قوم فتني کي نه سڃاتو ته هي فتنو قوم کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو عمران سال کان نفرت جي سياست ڪري رهيو آهي

نفرت جي سياست ۾ 25مئي تي اسلام آباد تي حملو ڪرڻو هو هڪ پروگرام تحت ماڻهن کي پيٽرول بم ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي