دعا زهره ۽ سندس مڙس جو بيان سامهون اچي ويو

0
1154

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) دعا زهره جي مڙس ظهير احمد جو چوڻ آهي ته دعا سان پب جي گيم ذريعي رابطو ٿيو هو، مان لاهور جي رهواسي آهيان، دعا ۽ منهنجو رابطو پب جي گيم ذريعي ٿيو ۽ اسان گذريل ٽن سالن کان رابطي ۾ آهيون

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دعا زهره پاڻ ڪراچي مان آئي، دعا منهنجي گهر ٻاهران آئي ۽ مون کي ميسيج ڪيو، هوءَ ڪيرائي جي ڪار ۾ آئي هئي، ظهير احمد چيو ته منهنجي گهر وارا شادي لاءِ تيار هئا، منهنجي گهر وارن به چاهيو ته دعا جي گهر وارا راضي ٿين پر دعا جي گهروارن شادي لاءِ هاڪاري جواب نه ڏنو، جنهن ڪري هن پنهنجو گهر ڇڏي هلي آئي

ظهير احمد وڌيڪ چيو ته مان پڙهان ٿو، ايف ايس سي ڪيو آهي ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏني آهي، جڏهن ته دعا جو چوڻ آهي ته ظهير سان پسندي جي شادي ڪئي آهي، گهر وارا تشدد ڪندا هئا ۽ زبردستي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرائڻ چاهين پيا

هن وڊيو بيان ۾ چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مرضي سان آئي آهيان، گهر وارن غلط عمر ٻڌائي آهي، مان 14 نه پر 18 سالن جي آهيان ۽ ظهير سان مرضي سان شادي ڪئي آهي

هن چيو ته مڙس سان گڏ خوش آهيان تنگ نه ڪيو وڃي، حلفي بيان ۾ دعا زهره 17 اپريل تي ظهير سان نڪا جي تصديق به ڪئي آهي، ذريعن موجب دعا زهره ۽ سندس مڙس حويلي لکان ۾ مقامي زميندار جي گهر ۾ موجود آهن، پوليس جوڙي کان بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي

ھي به پڙھندا

وڊيوز ٺاهي ڌيءَ کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي: دعا زهره جا والدين