وڊيوز ٺاهي ڌيءَ کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي: دعا زهره جا والدين

0
698
وڊيوز ٺاهي ڌيءَ کي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪپتن سان ملندڙ ڪراچي جي رهواسڻ دعا زهره جي والدين جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته سندن ڌيءَ کي وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪيو ويو هجي ڇو ته دعا وڊيو ۾ خوفزده نظر اچي رهي آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي پنهنجي ڌيءَ کي ڪراچي آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نياڻي جيڪڏهن مون وٽ نه ته چائلڊ پروٽيڪشن جي حوالي ڪيو وڃي، مون کي ان تي پورو اعتماد آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي مان گم ٿيل ٽئين ڇوڪري جو نڪاح نامو به سامهون اچي ويو

هن چيو ته منهنجي شادي 2005ع ۾ ٿي، شادي کي ئي 18 سال نه ٿيا آهن ته پوءِ منهنجي ڌيءَ 18 سالن جي ڪيئن ٿي؟ 27 اپريل 2008ع دعا جي پيدائش جي تاريخ آهي

پريس ڪانفرنس دوران مهدي ڪاظمي دعا زهرا جي پيدائش جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏيکاريو، هن چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ته اصل معاملو ڇا آهي، منهنجي ڌيءَ کي جيڪو چيو پيو وڃي هوءَ به ساڳي ڳالهه ڪري رهي آهي، گيم جي اندر ميسيجنگ سسٽم کان ڇوڪرو منهنجي نياڻي کي ٽريپ ڪيو

ان موقعي تي دعا زهره جي ماءُ جو چوڻ هو ته جنهن شخص نڪاح پڙهرايو ان جي نڪاح نامي تي مهر ناهي، مان هڪ وڪيل جي ڌيءَ آهيان، ايترو قانون مان به ڄاڻان  ٿي، ٿي سگهي ٿو نياڻي کي وڊيوز ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو ويو هجي، منهنجي ڌيءَ وڊيوز ۾ خوفزده نظر اچي رهي آهي

ھي به پڙھندا

دعا زهريٰ سان منسوب نڪاح نامو سامهون اچي ويو، وارثن طرفان ترديد