سن (ن پ ا) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي جي موقعي تي جسقم طرفان چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، اطهر سومرو ديدار  شام، اشرف ڪلهوڙو، آصف مگسي جي قيادت ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي، ٻي طرف جسقم پاران منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو ته سيد جي وڇوڙي کي 27 سال ٿيا آھن پر سندس فڪر منزل طرف روان دوان آھي، سيد 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي امن انسانيت ڀائيچاري جو سبق ڏنو، هن چيو ته اسان سنڌ جا وارث ۽ مالڪ آھيون، جلد سنڌ جو دورو ڪري ڌارين جي آبادڪاري، ذوالفقار آباد، ڪمانڊو سٽي، ڊي ايچ اي سميت سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف جدجهد جو اعلان ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ سان عشق ڪندڙ پارٽي کي مضبوط ڪن، اسان ٻئي ڪنهن جا نه پر سنڌ جا ايجنٽ آھيون، هن چيو ته شھيد بابا بشير خان جي نقشي قدم تي هلي جدجهد ڪنداسين، سمورن گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي ويندي، صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته سيد جي ورسي کان روڪيو وڃي ٿو، ڪارڪن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، پر سنڌ جي دشمن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته سنڌ جي مالڪي لاءِ  هڪ دفعو وري ڪراچي ۾ لکين ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ گُهري ٿي آزادي جي نعري کي بلند ڪنداسين، هن چيو ته  اڄ سيد جي ورسي ۾ سنڌ جي وحدت خلاف سمورن معاهدن کي رد ڪيون ٿا، سنڌ جي وحدت خلاف معاهدا ڪندڙن جو سنڌ گهيراءُ ڪندي،  جڏهن ته جلسي کي  امجد خان مهيسر،  اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.