دعا زهرا کي مڙس ڏانهن وڃڻو آهي يا والدين ڏانهن، پاڻ فيصلو ڪري: عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

0
227
سنڌهاءِ ڪورٽ دعا زهرا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا جنهن سان چاهي رهي سگهي ٿي، اِهو فيصلو ڪرڻ سندس صوابديد آهي

عدالت ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو، جيڪو ٽن صفحن تي ٻڌل آهي، عدالت دعا زهرا کي پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي

عدالتي حڪمنامي موجب حلفي بيان جي روشني ۾ عدالت اِن نتيجي تي پهتي آهي ته دعا زهرا جنهن سان چاهي رهي سگهي ٿي

عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورين شاهدين ۽ ثبوتن کي نظر ۾ رکندي اِهو واضح ٿي چڪو آهي ته هيءَ اغوا جو ڪيس نه آهي

عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ڪيس جو ضمني چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته دعا زهرا جي عمر جاچڻ بابت ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

عدالت چيو آهي ته دعا زهرا کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ سنڌ حڪومت جي صوابديد آهي، ٽرائل ڪورٽ قانون موجب ڪارروائي جاري رکي

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي بازيابي بابت درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته دعا زهرا جنهن سان چاهي رهي سگهي ٿي

ھي به پڙھندا

دعا زهرا جي ميڊيڪل رپورٽ رد: دعا جي امڙ بيهوش