دادو ۾ بدامني خلاف احتجاج دوران ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ منهن ماري

0
182

دادو: بدامني خلاف احتجاج دوران ڳوٺاڻن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري ٿي آهي، ڳوٺاڻي منير آرائين طرفان پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر احتجاج ۾ موجود ماڻهن کيس روڪي ورتو

مظاهرين پوليس تي موبائيل فونز ڦر ڪرڻ جا الزام هنيا آهن، جڏهن ته پوليس الزامن جي ترديد ڪئي آهي

ڳوٺاڻن چيو آهي ته دادو ۾ پوليس جي نااهليءَ سبب بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ڏوهاري سرِعام وارداتون ڪن ٿا، پر سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي