حيدرآباد جي مختلف علائقن مان هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 لاش هٿ

0
238
حيدرآباد جي مختلف علائقن

حيدرآباد جي مختلف علائقن مان هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 لاش هٿ آيا آهن، پوليس  جاچ  شروع ڪري ڇڏي آهي، حيدرآباد جي ڌماچ ڳوٺ ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، محمد صالح ڌماچ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي بيان ۽ شروعاتي جاچ موجب نوجوان پاڻ کي مبينا گولي هڻي آپگهات ڪيو، حيدرآباد ۾ اڪرم واهه مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پوليس موجب لاش جي عمر 25 سالن تائين لڳي ٿي

حيدرآباد جي علائقي مکڻ موري ۾ واهه مان اڌڙو شخص جو لاش هٿ آيو، جنهن جي ڳوٺ درياهه خان ٽالپر واسي محمد لائق ٽالپر طور سڃاڻپ ٿي آهي، پوليس موجب پوسٽ مارٽم بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي مان اغوا ٿيل 3 نوجوان جي وارثن کان 50 لک ڀُنگ طلب