دعا زهرا جي ميڊيڪل رپورٽ رد: دعا جي امڙ بيهوش

0
283

دعا زهرا جي ميڊيڪل رپورٽ

ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد ڌيءُ جي عمر بابت ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا اغوا ڪيس تي ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير کي پيش ڪيو ويو

ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ جي والد چيو ته ڌيءُ جي برٿ سرٽيفڪيٽس سوڌو ٻيا ثبوت موجود آهن، ميڊيڪل رپورٽ ۾ 16 کان 17 سال عمر غلط ڄاڻائي وئي آهي

عدالت ۾ دعا زهريٰ هڪ ڀيرو ٻيهر والدين سان ملڻ کان انڪار ڪيو، عدالتي حڪم تي ججز جي چئمبر ۾ دعا زهريٰ جي والدين سان ملاقات ڪرائي وئي

ملاقات بعد دعا زهريٰ جي امڙ چيو ته ڌيءُ گهر هلڻ جو چيو ۽ ٻڌايو ته عدالت ۾ گهر وڃڻ لاءِ بيان ڏيندي

 پوليس دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران شيلٽر هوم منتقل ڪري ڇڏيو، دعا زهريٰ جي امڙ عدالتي احاطي ۾ روئندي بيهوش ٿي وئي

ھي به پڙھندا

پوليس دعا زهرا کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، امڙ پاران ملڻ جي ڪوشش