دادو ڀرسان طلاق ڏنل عورت اڳوڻي مڙس هٿان مبينا اغوا

0
293

دادو(ن پ ا) دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ڀرسان طلاق ڏنل مسمات زينت ٻٻر اڳوڻي مڙس هٿان مبينا اغوا ٿي وئي.

اغوا ڪيل زينت جي ماءُ مسمات حاجره فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

عدالت جوهي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي 20 آڪٽومبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ سان گڏ ڄاڻايل جوابدارن کي به عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مسمات حاجره ٻٻر جو چوڻ آهي ته شبير ٻٻر 9 مهينا اڳ ڌيءَ کي طلاق ڏني هئي، 2 ڏينهن اڳ گهر تي حملو ڪري کيس اغوا ڪري ويو آهي، ڌيءَ جي حياتي خطري ۾ آهي، کيس بازياب ڪرايو وڃي.