دادو ( رپورٽر ) دادو شهر مان گذرندڙ جاگير شاخ استاد بخاري ڊگري ڪاليج ڀرسان اور ٽاپ ٿي وهڻ سبب پاڻي بٺ پاڙي ڀرسان ڪالوني ۽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي رهائشي ڪواٽرن تائين پهچي ويو آهي، بٺ پاڙي جي ڪالوني جون گهٽيون، رستا پاڻي هيٺ اچڻ سان گڏ ڪيترن ئي گهرن کي پاڻي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، شاخ کي اور ٽاپ ڪري وهندڙ پاڻي دادو ڪاليج جي رهائشي ڪواٽر تائين پهچڻ تي ڪاليج جي پرنسپل عرفان احمد ڪلهوڙو ۽ ٻين ملازمن جي شڪايتن کان پوء آبپاشي کاتي پاران شاخ ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽايو ويو آهي.