قمبر/ شهدادڪوٽ/ وڳڻ (نمائندن وٽان) قمبر ۾ ڳوٺ ڊرگهه سومر چانڊيو جي رهواسين حضور بخش چانڊيو، نويد، يعقوب چانڊيو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ضلعي انتظاميا اسان جي واهر ڪرڻ بدران سامان يوسي چيئرمين مجيب تنيو حوالي ڪيو آھي، جيڪو مٽ مائٽن ۽ سرندي وارن کي ڏئي رهيو آھي، راشن نه هئڻ ڪري بکون ڪاٽي رهيا آھيون. سردي جي شروعات ٿي آھي، ٽينٽ نه هئڻ سبب کلي آسمان هيٺان گذارڻ مشڪل بڻجي ويو آھي.شھدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ميروخان جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ۽ ٽينٽ سٽي ون جي متاثرن پاران الڳ الڳ مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٽينٽ سٽي ون جي متاثرن ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو.ان موقعي محسن شاهه، چاڪر خان چانڊيو، عبدالله بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو، نه ئي وري سروي جون ٽيمون پهچي سگهيون آهن، هنن جو چوڻ هو ته ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن کي راشن ڏئي رهيا آهن.وڳڻ لڳ انڊس هاءِ وي تي ٽينٽ سٽي ۾ ويٺل وارھ جي ڳوٺ مستي خان جتڪ جي متاثرن پاران واھر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو.خادم حسين جتڪ، داد محمد جتڪ، مسري خان جتڪ دانھيندي چيو ته اسان برسات سبب بي گھر ٿي روڊ مٿان ٽينٽن ۾ رھون پيا اسانجي ھن وقت تائين ڪابه واھر نٿي سگھي آھي، اسان پنھنجي معصوم ٻچڙن سميت هتي بکون ڪاٽي رهيا آھيون ، اسان متاثرن لاءِ آيل راشن ٿانو ۽ ٻيو سامان اي سي وارھ سميع الله وڳڻ پنھنجي من پسندن کي ڏئي رھيو آھي.