دادو ( رپورٽر ) دادو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ نانگ ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جنهن ڪري هڪ ڏينهن اندر 8 ڄڻا ڏنگجي پيا آهن. ان ڏس ۾ شيخ دڙو ۾ شبير سومرو ، ڳوٺ بيگو ديرو ۾ اڪبر کوسو ، ذيشان پنهور ، پرويز پنهور ۽ ڏتي جي مياڻي ۾ شاهد ملاح 8 ڄڻن کي نانگن ڪکي زخمي ڪري وڌو آهي ، زخمين کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪري بچاء واريون ويڪسين ڪيون ويون آهن