فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي ۾ غير قانوني طريقي سان ڪاٺ جي ڪٽائي جاري، ڪاٺ ڪٽرائي مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي واپارين رکرائي ڇڏيو، حادثا معمول بڻيل، ان ڏس ۾  فيض گنج تعلقي جي مختلف شهرن پڪاچانگ ڪرونڊي ڪوٽ لالو اڪري چودڳي جلالجي سميت مختلف هنڌن تي ڪاٺ جي ڪٽائي تيزي سان جاري آهي، ڪاٺ ڪپي مهراڻ نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان رکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري  روڊ حادثا معمول هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ان حوالي سان  رهواسين صاحب خان چانگ، حاجي مڱڻهار، غلام نبي شر، ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  تعلقي ۾ غير قا نوني طريقي سان ڪاٺ جي واڍي سرعام جاري آهي، انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن چيوته ڪاٺ مهراڻ نيشنل هاءِ وي سميت روڊن رستن تي رکي حددخليون ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته وڻن جي واڍي ڪري ڪاٺ وڪرو ڪيو پيو وڃي. جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن  اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي ٻڌايو ته شڪايتون مليون آهن جلد روڊ تان ڪاٺ هٽرائي غير قانوني ڪاٺ جي ٿيندڙ واڍي بند ڪرائي ويندي.