بدين (رپورٽر) دادو جي شھر خيرپور ناٿن شاھ  لڳ ڳوٺ کارڙو جي رھواسڻ ناري سورٺ چانڊيو پنهنجي مڙس محمد حسين چانڊيو سان گڏ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سندس مائٽن کيس  ڌاري ذات جي ماڻھون سان پيئسن عيوض پرڻائڻ پئي چاهيو، جنهن تان سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو، ان تان منهنجا مائٽ، فيروز علي چانڊيو، منصور چانڊيو،بلاول چانڊيو،ڊاڪٽر احمد بخش چانڊيو،علي محمد چانڊيو، عبدالغفار چانڊيو ۽ ٻيا سخت ناراض ٿي پيا آهن ۽ مون کي ھٿيار کڻي ڳوليندا وتن ۽ منهنجي مڙس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي.