لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي وليد پوليس جنسار جاگيراڻي کي گرفتار ڪري سندس وٽان هڪ ڪلو اڌ پاءُ چرس هٿ ڪري مٿس گناهه نمبر 2022/87 قلم سي سي اين ايس 9 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن جو واسطو بين الاضلاعي منشيات  سپلاءِ ڪندڙ گروهه سان آهي.هوڏانهن دڙي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ مبينا ڦورو کي هٿيار ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ڦورو جي سڃاڻپ عامر جتوئي طور ٿي آهي جنهن وٽان بغير لائسنس پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري سرڪار طرفان اي ايس آءِ جي فرياد تي ٻه ڌار ڌار ڪيس گناهه نمبر 2022/65 قلم 34، 353، 324، 401 پي پي سي ۽ گناهه نمبر 2022/66 قلم ايس اي اي 24 تحت داخل ڪيا ويا آهن.