خيرپور (رپورٽر) نوجوان شفقت علي مهر خيرپور ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ مٽ واسڻ صائمه سان ڏيڍ مهينو اڳ شادي ڪئي، ڪراچي ۾ رهندا هئاسين، گهرواري کي خيرپور گهمائڻ وٺي آيس، جِتي منهنجي گهر واري جو والد خان محمد خاصخيلي، ڀاءُ يار محمد، مامو ممتاز خاصخيلي ۽ ارشاد خاصخيلي کيس زبردستي اغوا ڪرڻ سان گڏ لون ورتل روڪ رقم چار لک رپيا، ٻه تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. هن چيو ته سموري معاملي جي وڊيو رڪارڊنگ ڪري ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي نمبر تي واٽس ايپ ڪرڻ سان گڏ اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ۽ عدالت جوابدارن کي 14 اپريل تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.