کهڙا (ن پ ا)کهڙا ۾2 ڏينهن اڳ جنس جي واپاري عبدالحفيظ خواجا جي دڪان جو ڪائونٽر ٽوڙي ساڍا 8 لک چوري ڪرڻ خلاف واپارين، نواز ليگ اڳواڻ محمد ڏنو لاکو، واپاري عبدالحفيظ خواجا، حاجي ظهور خواجا، مشتاق احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ رپڙي روڊ تي ريلي ڪڍي ابل واھ پل تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين جو چوڻ هو ته سي سي ٽي وي ذريعي چور جي نشاندهي باوجود پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، چور گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي. واپارين اڄ شهر ۾ شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ماسڪ پهريل موٽر سائيڪل سوار عبدالحفيظ خواجا جي دڪان ۾ داخل ٿي ساڍا 8 لک کڻي ويو هو،