خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس هٿان مبينا طور کنڀيل ٻن نوجوانن جو پتو نه پيو، وارث عدالت پهتا، ٽن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي ليٽر جاري، باندي بڻايلن کي پيش ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور پوليس هٿان مبينا طور کنڀيل نوجوان ماجد علي ۽سلطان خان گوپانگ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ ماجد گوپانگ جي امڙ مسمات دلشاد سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. عدالت پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڪوٽڏيجي، ڪنب ۽ ٽنڊو مستي ٿاڻي جي ايس ايچ اوز کي نوٽيس جاري ڪندي باندي بڻايلن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.