خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ نمبر 2 جي جج وسيم بشير کوسو جي عدالت ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ داخل ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ جوابدار ڄاڻايل ميرمحمد لاشاري ۽ وارث علي ڪٽوهر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين هڪ هڪ سال قيد ۽ 20، 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو.