ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ڀرسان ڳوٺ ڪوٽڙي ملاح جي رهواسي پيرسن شخص الهرکيو ملاح ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندس نالو ذڪوات جي مستحقن واري لسٽ ۾ شامل هو ۽ کيس اي ٽي ايم ڪارڊ پڻ مليل آهي پر وارڊ نمبر 4 جي عشر ذڪوات جي چيئرمين پنهنجن ماڻهن جا نالا شامل ڪرڻ لاءِ مون مسڪين جو نالو لسٽ مان ڪٽي ڇڏيو آهي. هن عشر ذڪوات جي ضلعي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته سندس نالو ذڪوات جي مستحقين واري لسٽ ۾ شامل ڪري کيس ذڪوات فنڊ مان ذڪوات ڏني وڃي.