خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ واپڊا سيپڪو اختيارين بقاياجات ادا نه ڪرڻ جو  جواز ڄاڻائي منشي پاڙي جي بجلي ڪاٽي ڇڏي. اهڙي عمل خلاف منشي پاڙي جي رهواسين  پراڻي قومي شاهراه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي سيپڪو جي اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالحق ملڪ، غلام قادر چانڊيو، سجاد ملڪ، يار محمد ڦلپوٽو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته واپڊا سيپڪو جي اختيارين بجلي جي بقايا ڄاڻائي ٽي ڏينهن اڳ بجلي ڪاٽي ڇڏي هئي، ڏيڍ لک رپيا ادا ڪرڻ باوجود بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. هڪ عورت گرمي سبب بيمار ٿي پئي جنهن کي اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور بجلي بحال ڪئي وڃي.