خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ راڻيپور ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت درج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گلزار مڱڻيجو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 9 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.