خيرپور آرٽس ڪائونسل جي هاڻوڪي ۽ اڳوڻي صدر جو جهيڙو عدالت پهچي ويو

0
190

خيرپور (ن پ ا ) خيرپور آرٽس ڪائونسل جي هاڻوڪي ۽ اڳوڻي صدر جو جهيڙو عدالت پهچي ويو، اڳوڻي صدر مٿان ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جا الزام، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي استدعا، آرٽس ڪائونسل جي هاڻوڪي صدر سانول خان ڳاهو طرفان خيرپور جي عدالت ۾ خيرپور آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر سيد گمبل شاهه عرف شيراز شاهه جيلاني خلاف درخواست داخل ڪرائيندي 296000 روپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي حڪم جي استدعا ڪئي وئي آهي، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي شهيد مرتضيٰ ميراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ سنڌ بئنڪ خيرپور جي مئنيجر کي نوٽيس جاري ڪندي کائن تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.