جمال شاھ (ن پ ا) روھڙي ڪئنال جي جمال شاھ ريگيوليٽر جي مٿان وڻن تي ويٺل خوفناڪ چمڙن کي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، جڏھن ته چمڙن پاران خوفناڪ آواز ڪڍڻ سبب سبب علائقي واسين ۾ خوف پکڙيل آهي، ان حوالي سان سي آءِ نوابشاھ جي انچارج مبين پرھيار ٻڌايو ته ڊي سي جي حڪم تي چمڙن کي ماريون پيا، هن ٻڌايو ته چمڙن ۾ خطرناڪ وائرس آهي، جن مان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن.