پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڪري چوري الزام ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڄڻن کي پڪڙي جتوئي برادري جي ماڻھن تذليل جو نشانو بڻايو ھو، پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن قومي شاهراهه تي مسافر وين بيھاري ڊرائيور نظير جتوئي ۽ ڪلينڊر عبيد جتوئي کي اغوا ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو ھو. ان واقعي کانپوءِ ڌرين پاران ھڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي ھٿيارن سان وڊيو ٺاھي ڌمڪيون ڏنيون ويون ھيون، گذريل ڏينهن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي جنھن ڪري سانگي، کڏھڙي ۽ دبر ٿاڻن جي حدن ۾ جتوئي ۽ جاگيراڻي برادريءَ جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان ڪيترائي ڪلاڪ جديد ھٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪئي ، علائقي ۾ چوٻول آھن ته جتوئي جي برادري جي ماڻھن جاگيراڻي برادري جي ھڪ نوجوان کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ تذليل جو نشانو بڻائي پاڻ وٽ باندي بڻائي رکيو آهي،
جنھن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن جتوئي برادري جي گھرن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، 2 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا ب اطلاع آهن.ذريعا دعوا ڪن پيا ته پوليس فائرنگ واري حدن ۾ پھچي بڪتربند گاڏين سان پھچي ڪري فائرنگ کي روڪرائي ورتي آھي.