حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ هفتو اڳ عدت ۾ ويٺل ننهن کي سهري پاران ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد جي علائقي قادر نگر مان هفتو اڳ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس اهلڪار احمد علي شاهه جي زال مسمات شهلا بي بي پراسرار نموني گم ٿي هئي جنهن جو 19 جولاءِ تي شھدادپور ڀرسان ملدسي شاخ وٽان لاش مليو هو. سندس ڀاءُ زاهد شاهه نسيم نگر ٿاڻي پهچي ڀيڻ جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي هئي. نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته شهلا بي بي کي سندس سهري انور شاهه ۽ ڏيرن گڏجي قتل ڪيو ۽ سندس لاش شهدادپور ڀرسان شاخ ۾ ڦٽو ڪيو هو. پوليس موجب انهن شيدي ڳوٺ ڀرسان ڪارروائي ڪري عورت جي قتل ۾ مک جوابدار انور شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته سندس ٻن پٽن فياض شاهه ۽ اياز شاهه جي پڻ ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل عورت جي پراسرار گمشدگي ۽ قتل جي جاچ بابت ايس ايس پي پاران ڪاميٽي جوڙي وئي هئي ۽ ڪاميٽي معاملي جي جاچ بعد واقعي کي وائکو ڪيو آهي. واضح رهي ته مقتولا عورت شهلا بي بي جي مڙس ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس اهلڪار احمد علي شاهه جو گهر مان مبينا طور ڦاهو کاڌل لاش مليو هو. ابتدائي طور تي سندس وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پر بعد ۾ هو خاموش ٿي ويا هئا. پوليس ذريعن موجب اهلڪار جي گهرواري کي سندس سهرو انور شاهه ۽ ڏير پاڻ سان گڏ گهر وٺي ويا جتي هن کي عدت ۾ ويهڻ جو چيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مبينا طور قتل ڪري سندس لاش شاخ ۾ اڇلايو هو. پوليس موجب ته عورت جي سهري انور شاهه شهلا جي ڀائرن کي ٻڌايو ته هو پراسرار نموني گهران گم ٿي وئي آهي.