ٻانڌي (ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نياڻي سنڌيا ڀيل جي وارثن وٽ آل پاڪستان مناربي ويلفيئر ايسوسئيشن سنڌ جي صدر منور لعل پھچي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل ورتا، ان موقعي تي قتل ٿيل سنڌيا ڀيل جي پيءُ ڌرمو ڀيل آل پاڪستان مناربي سنڌ جي صدر کي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي پر تڪ جو ڪو به چونڊيل نمائندو اسان وٽ ھمدردي ڪرڻ لاءِ به نه پهتو آهي، ٻي طرف آل پاڪستان مناربي سنڌ جي صدر منور لعل ۽ مقتول نينگري جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي متاثرن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي سخت سزا ڏئي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.