خيرپورناٿن شاھ ۾ ڳوٺاڻي پاران زال ۽ اولاد خلاف احتجاج

0
274

خيرپورناٿن شاھ (رپورٽر) خيرپورناٿن شاھ جي نيون ناٿن شاھ محلا جو رهواسي غلام محمد ڀٽي پنهنجي زال شبيران ڀٽي ڌيءَ فاطمه ڀٽي، پٽن محمد خان ڀٽي ۽ محسن ڀٽي جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي دانهو ته منهنجي زال ۽ منهنجو اولاد مون مٿان روز وحشياڻو تشدد ڪندا آھن، مون کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏن ٿا، هو منهنجي گهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ گهران ڪڍڻ ٿا چاهين، ھن چيو تھ ڪجھ سال اڳ نيشنل بينڪ تي ڊيلي وائيز تي نوڪري ڪندو هيس ۽ مان هنن کي کارائيندو هيس جنهن بعد بينڪ وارن ٽائيم پورو ٿيڻ تي نوڪري تان لاهي ڇڏيو ، بيمار ٿي پيس ۽ 2017 ۾ دل جو تڪليف جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويس ۽ دل جو باءِ پاس ڪرايم هڪ کٽ تي پيل آھيان، هاڻي مون وٽ ڪجھ ناهي بچيو ته هو مون کي روزانو تشدد جو نشانو بڻائين ٿا ۽ چئي رهيا آھن ته گهر ايندي ته تو کي ماري ڇڏينداسين ،جيڪڏھن مون کي ڪجھھ به ٿيو ته ان جا ذميوار منهنجي زال ۽ منهنجي اولاد تي هوندا، تحفظ ڏنو وڃي.