ڌيءَ کي قتل ڪندڙ اڳوڻو پوليس عملدار ۽ سندس ڀاءُ جي ڦاھي واري سزا معطل، بري ڪرڻ جو حڪم

0
361
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءَ کي قتل ڪندڙ اڳوڻي پوليس عملدار ۽ سندس ڀاءُ کي آيل ڦاهي واري سزا معطل ڪندي کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت پوليس پوليس عملدار غلام عباس ٻٻر ۽ سندس ڀاءِ علي شير ٻٻر کي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد بري ڪيو، ڀريا وليج ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 2015ع دوران ناري عارفه ٻٻر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو ، پوليس جاچ بعد ناري جي والد دادو سان تعلق رکندڙ پوليس عملدار, غلام عباس ٻٻر ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو هو، 2019ع دوران ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڄامشورو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ناري جي والد غلام عباس ٻٻر سندس ڀاءِ علي شير ٻٻر سميت 3 ڄڻن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.