نادرا ۾ 20 کان 40 لک جعلي شناختي ٺهڻ جو انڪشاف، آفيسر ۽ ايجنٽ گرفتار!

0
314

ڪراچي: ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر عامر فاروقي ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته نادرا جا 60 سيڪڙو آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن، نادرا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا آفيسر غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث آهن. الله نذر جي ڪٽنب ۽ شفيع برفت جا جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا. برمين بنگالين جا جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا، جن جو تعلق بعد ۾ لشڪر جهنگوي سان ثابت ٿيو. هن انڪشاف ڪيو ته 20 کان 40 لک جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا، سڀني جو پتو لڳايو ويو آهي جن کي جلد بلاڪ ڪيو ويندو. جيڪي ماڻهن ملوث آهن آفيسرن کان ايجنٽن تائين اسان جي نظر ۾ آهن، نه رڳو شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪنداسين پر جنهن سسٽم تحت انهن قانون کي باءِ پاس ڪيو ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته تازو جيڪا ڪارروائي ڪئي ان ۾ ڪجهه افغاني گرفتار ڪيا. انهن کان جعلي شناختي ڪارڊ برآمد ڪيا، ان جي مدد ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افروز ۽ اشفاق احمد جمالي ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو آهي ۽ خيال نالي ايجنٽ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ٻي ڪارروائي ڪئي آهي جنهن ۾ برطانيه ۽ يورپ مان ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي پيسا گهرائي دهشتگردي ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا. ان ۾ به هڪ شخص کي گرفتار ڪيوويو آهي.