ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سنڌ خوراڪ کاتي جي دعويٰ رد : ڪراچي ۾ فلور ملز جو  فائن اٽو 100  کان 110 ۽ چڪين جو برانڊيڊ اٽو 120 کان 130 رپيا في ڪلو وڪامڻ لڳو، ان  ڏس ۾ ورتل جائزي موجب خوراڪ کاتي 25 ارب رپين جي سبسڊي هيٺ پرڳڻي جي فلور ملن ۽ چڪين کي ڪڻڪ جي سستي اگهه تي فراهمي شروع ڪري کين رڳو اڍائي نمبر اٽو 65 رپيا في ڪلو واري اگهه تي وڪڻڻ لاءِ پابند بڻايو هو، اهو اٽو غير معياري  ۽ رڳو محدود سينٽرن تي ميسر هجڻ ڪري شهرين کي ڪو فائدو رسي نه سگهيو، ان ڏس م شهرين جو چوڻ هو ته خوراڪ کاتي جي سستي ڪڻڪ تي ڏنل 25 اربن جي سبسڊي جو فائدو رڳو فلور ملز مالڪن  کي ٿيو آهي، جڏهن ته ڪراچي جو ڪمشنر، 7 ڊي سيز  ۽ بيورو آف  سپلا اينڊ پرائيس ڪنٽرول جو عملو سستي اٽي جي فراهمي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن