خانه بدوش روح جي ڪٿا پوري ٿي!

0
345

 2 سيپٽمبر 2021 ع تي مون سنڌ جي سهڻي شاعر، استاد، مترجم، ڪالم نگار، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي با عمل ۽ باڪردار سيڪريٽري جنرل ۽ پنهنجي فڪري ۽ ادبي دوست، سائين غلام حسين رنگريز جي تڏي تي، تعزيتي تاثرات لکندي، هيٺين جملي سان ابتدا ڪئي هئي.

“ اڄ خانه بدوش روح جي ڪٿا پوري ٿي”

خانه بدوش روح جي ڪٿا، سائين  غلام حسين رنگريز جي آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو آهي جيڪو ڇپيو هو. ان جو ٻيو ڀاڱو “رهيو روح رباب” به پڌرو  ٿي ويو ۽ ان جو ٽيون ڀاڱو لکڻ جي خواهش پوري ٿيڻ کان اڳ رنگريز جي خانه بدوش روح جي ڪٿا پوري ٿي وئي. سندس گهر ڀرسان تڏي تي ويٺي منهنجي ذهن ڪينواس تي واسديو موهي  جي هڪ غزل جون هي ٻه سيٽو تري آيون جيڪو خود رنگريز صاحب جي لاڏاڻي کان صرف ڇهه ڏينهن اڳ 27 آگسٽ 2021ع  تي وڇڙي ويو هو.

هتي هڪ سرڳواسي دوست رهندو هو!

جتان منهنجو  گهڻو ڪجهه گم ٿيل آهي!

 واقعي  رنگريز جي “عدم وجود” ٿيڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته اسان جو، سنڌ جو، گهڻو ڪجهه گم ٿي ويو آهي. رنگريز هڪ خوشبودار ڪردار جو مالڪ ، ماڻهپي جي مهڪ جو مجسم انسان هو. خود سندس هڪ شعر آهي ته

 مهڪار سمائي آ ڪنهن ڪنهن ۾

هونئن  ته هتي انسان لکين آهن !

 سنڌ جي خوبصورت خطي لاڙ جي سرزمين، تخليقي ، تهذيبي طور هميشه حسناڪ، تابناڪ رهي آهي هن خطي ۾ شاعري جي ميدان ۾ ڪيئي سج ، چنڊ ۽ تارا پيدا ڪيا آهن اسان جو دوست غلام حسين رنگريز، سٻاجهو ۽ ساڃهه وند شخص، اهو شاعر رهيو آهي جنهن کي شاهه ڪريم، خليفي نبي بخش لغاري، مولانا علي محمد مهيري،مولانا حاجي احمد ملاح،محمد خان مجيديءَ،سرويچ سجاوليءَ ۽ ابراهيم منشي جي شاعري جو تسلسل ۽ پسمنظر آهي. پوءِ به منهنجي نظر  ۾   ارشاد ساگر، مريم مجيديءَ ۽ غلام حسين رنگريز اهي شاعر آهن جيڪي بنهه نئون ۽ پنهنجو  ڊڪشن ۽ اسلوب کڻي آيا آهن جنهن ۾ شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي تسلسل ۽ هڳاءَ سان گڏ ندرت ۽ جدت  موجود آهي.

 غلام حسين رنگريز هڪ سادو سٻاجهو شخص هو ۽ اها ئي سندس سادگي ۽ جذبن جي سچائي سندس شاعري ۾ به موجود آهي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته ڪو هو وڏو ۽ اهم شاعر  آهي هن ڌرتي جو شاعر بنجي خواب ۽ گلاب پوکيا آهن.

 وقت جي کيت ۾ خواب پوکيان پيو

ديس تو واسطي گلاب پوکيان پيو

 رنگريز جي اول ۽ آخر سڃاڻپ سنڌ سان نينهن، سنيهه رهيو. جنهن نينهن جو نصاب، هن سن جي سائين مڪتب مان پڙهيو هو. اها ساڃاهه ۽ اهو شعور کڻي هو زندگي جي خاردار راهن تي هليو ۽ ڪڏهن به ٿڙيو ٿاٻڙيو نه. هن نه رستو مٽايو، نه مصلحت جو شڪار ٿيو، نه ڊنوو ۽ نه ڪنهن لالچ لبيو. هو جيون جي سفر۾ نه ڪٿي جهڪيو ۽ نه ئي ڪٿي وڪيو. هن جي اکين ۾ جيڪو آدرش ابتدا کان سرجيو، آخري ساهه تائين  ساڳيو آدرش سندس ماڻڪين ۾ ٻرندو ۽ جرڪندو رهيو.

 نه گولپ جو گرهه  گهرجي اسان کي

اسان کي آجپي جا ٻک گهرجن.

رنگريز نوڪري ۾ هو يا نوڪري کان ٻاهر، هن فڪري ۽ سياسي نسبت ڪڏهن به نه لڪائي، نه تبديل ڪئي. ايوبي مارشل لا هجي يا ڀٽي ۽ ضياءُ لاالحق جون مارشلائون، هن فڪري وابستگي ۽ نظرياتي  فعاليت جو دڳ نه مٽايو. نتيجي  طور کيس سنڌ جي ڏورانهن ضلعن جون دربدريون نصيب ٿيون. رنگريز  جيئن ابتدا  ۾ ڏيکاءُ  پسندي ۽ ڇسي نعريبازي کان پري هو، آخر تائين  نمائش ۽ اٻهرائپ هن  جي ويجهو نه آئي. ڀٽي صاحب جي عوامي آمريت واري دور ۾ سينٽرل جيل ڪراچي جون اڍائي ٽي مهينا  هوائون کائي آيو. 1974ع  ۾ ڪئٽرڪ هال ڪراچي ۾ سنڌ جي سائين جي سالگرهه ۾ شرڪت ۽ تقرير سندس ڏوهه هو ۽  سندس قيد جا ساٿي هئا، سيد امداد محمد شاهه، ڪاڪو تيرٿ داس، ابراهيم منشي ، غلام احمد بيدم ۽ ٻيا، جن سان گڏ وڏي عرصي تائين ڪورٽن جون شنوايون کائيندو رهيو پر ثابت قدم رهيو ۽ چوندو رهيو.

ڪهڙي قاضي شهر جي کان داد جي ڪريون طلب

ڪوڙ جنهن جو آهه ڪلمو، ظلم جنهن جو آڌرم

غلام حسين رنگريز جون آئيڊيل شخصيتون سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابرهيم جويو رهيون.  سيد سنڌ جي قومي فڪر ۽ آجپي جو رهبر ۽ جويو جديد سنڌي ادب جو سونهون ۽ معمار. اڄ ميرپور بٺوري جون گهٽيون اداس آهن جن گهٽين مان گذري غلام حسين رنگريز جي اوطاق تي نوجوان ايندا هئا. جي ايم سيد جي قومي ڪتابن جو ورد  ٿيندو هو، محمد ابراهيم جويي جي ادبي فڪري سائنسي ۽ سماجوادي سوچ وارا ڪتاب پڙهبا هئا. رنگريز جي اوطاق سنڌ جي عشق جو مڪتب هو، جنهن ڀرسان  سيٺ جعفر خواجي جو گهر هو، جنهن جو سائين جي ايم سيد  سياسي استاد  وانگر احترام  ڪندو هو. رنگريز ۽ عبدالفتاح عبد بٺورائي جي جوڙي مشهور هئي   جيڪي  جڏهن به سن ايندا هئا  ته گڏ ايندا هئا.منهنجي ساڻن واقفيت ۽ نينهن جو ناتو اتي ئي  ڳنڍيو ۽ آخر تائين  قائم رهيو. قاسم پٿر به ميرپور بٺوري جو مائيل اسٽون هو. رنگريز ۽ پٿر، ابتدا ۾ فڪري مخالف هئا پر عبد بٺورائي جي لاڏاڻي  کانپوءِ رنگريز ۽ قاسم جو جوڙ جڙيو ۽ منجهن فڪري هم آهنگي پيدا ٿي. جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مون کي ٽيون ڀيرو سيڪريٽري جنرل جو اميدوار نامزد ڪيو ويوته  مون ۽ اياز گل فيصلو ڪيو ته هن ڀيري غلام حسين رنگريز

 کي سيڪريٽري جنرل چونڊائبو. پر سوچيو سون ته جي انهي انڪار ڪيو ته پوءِ مسئلو پيدا ٿيندو. انڪري مون عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر  کي وٺي کانئس  زوري فارم ڀرايو. پر هن پوءِ به  پنهنجو ورڪ نه ڪيو. اليڪشن  کان هڪ رات اڳ سائين  محمد ابرهيم جويي  وٽ ترسيل شيخ اياز  وٽ آءُ  ۽ اياز گل ملڻ  وياسون ته مون  پنهنجو اٽل ارادو ظاهر ڪيو ته صبح جو آئون چونڊن کان اڳ غلام حسين رنگريز جي حق ۾  رٽائر ڪندس. شيخ اياز مخالفت ڪئي ته سنگت غلط هٿن  ۾ نه هلي وڃي.  ان تي سائين جويي صاحب اياز کي چيو ته تاج ، درست فيصلو ڪيو آهي، رنگريز سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکندو. ۽ پوءِ ايئن ٿيو مون ٻئي ڏينهن مرڪزي رپورٽ پڙهڻ ۽ باڊي ٽوڙڻ جي اعلان بعد  رنگريز جي حق ۾ هٿ کڻي کيس بنا مقابلي چونڊايو. ۽ تاريخ  شاهد آهي رنگريز جويي صاحب جي ڏور رس نگاهه ۽ راءِ جو ڀرم رکيو ۽ سنگت کي جهڙي ريت متحد ۽ متحرڪ رکيو سڄي سنڌ  ان جي شاهد آهي.

غلام حسين رنگريز سنڌ، سيد ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سان جهڙي ريت نڀايو ان جو مثال  قومي ۽  ادبي تاريخ  ۾ گهٽ ملندو. گوبند مالهي، شمشير  ۽ تنوير جي تسلسل ۾ غلام حسين جو ڪم تاريخي رهيو. اهو به تاريخ جو اتفاق هو ته غلام حسين رنگريز جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ورهاڱي کان اڳ جو باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي 1989ع ۾ جنم ڀومي سنڌ  گهمڻ آيو ۽ رنگريز، راشد مورائي، گل ملاح ۽ مون کيس “سنڌ – سنگت” پاران حيدرآباد ۾ آجياڻو ڏنو.  جتي گوبند مالهي تاريخي جملا چيا ته “اڄ مونکي بيحد سرهائي ٿي رهي آهي ته ورهاڱي کان اڳ مون  سنڌي ادبي سنگت جو جيڪو ٻوٽو لڳايو هو اهو اڄ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي.”

غلام حسين رنگريز هڪ شخص نه ادارو هو. جنهن انساني عظمت سان گڏ ڌرتي  جي محبت جا سبق ڏنا ۽ اڄ سندس ڪيترائي شاگرد ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سندس هيٺيان شعر دهرائي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

 انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان

هڪ وار وري سوري سجائڻ ٿو گهران مان

اڄ مان مٽي ماءُ  جو مٽائڻ ٿا گهرن جي

تن جي ته سڄي ڪاڪ ڦٽائڻ ٿو گهران مان.

 (رنگريز)