سوال/سروي ڪينٽونمينٽ چونڊن جا نتيجا درست آهن، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ڪارڪردگي تي کٽيو، پ پ کي سبق سکڻ گهرجي: عوام

0
282

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سوڀاري، پنجاب ۾ نواز ليگ ڪامياب، سنڌ ۾ پ پ صرف 2 بورڊن تي ڪاميابي ماڻي سگهي، ڪينٽونمينٽ بورڊ جي ٿيل چونڊن ۽ نتيجن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪينٽونمينٽ چونڊن جا نتيجا درست آهن، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي آهي، هارائڻ تي ڪينٽومينٽ بورڊ اليڪشن مان پ پ کي سبق سکڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته اهو اتي جي ووٽر جو فيصلو آهي نتيجا صحيح آهن، عبدالغفور سروهي لکيو ته ڪينٽومينٽ بورڊ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ۽ نواز ليگ پنجاب ۾ سوڀاري پر پ پ سنڌ مان به کٽي نه سگهي، بلاول پوءِ به وزيراعظم ٿيڻ جا خواب پيو ڏسي، پ پ پنهنجي ڪارڪردگي ڏسي، عبدالحئي ساوند لکيو ته ڪنٽومنٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پ پ کي پنهنجي ڪارڪردگي تي شڪست ٿي آھي، هاڻي به وقت ناهي ويو پ پ عوام جي خدمت ڪري، ساحل عالياڻي لکيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ اليڪشن تمام درست فيصلو ڪيو آهي پ پ پ پنهنجي موجوده حڪومت ۾ ڪوبه ڏيئو نه ٻاري سگهي آهي هاڻي شعور جاڳيو آهي، شنڪر باغي لکيو ته ڪاڪردگي سڀني جي پنهنجي اڳيان آهي ، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ڪينٽومينٽ بورڊ اليڪشن مان سنڌ سرڪار کي سبق سکڻ گهرجي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پير ميرن وڏيرن جي ڪري اڳتي آهي ھاڻي سنڌ ۾ به ھنن کي عام چونڊن ۾ شڪست ملندي، محمد حسن بلوچ لکيو ته ڪينٽونمينٽ جا نتيجا بلڪل صحيح آيا آهن جهڙو ڪم ڪرائيندا اهڙو ئي نتيجو ملندن، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڪنٽومنٽ بورڊ اليڪشن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي کي مستقبل ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نتيجا بلڪل درست آهن، پ پ کي غلطين جي سزا ملي، مبين اڄڻ لکيو ته پ پ صرف جيالا نواز پاليسي سبب آئوٽ ٿي وئي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته ايندڙ مڪاني چونڊون ۽ جنرل اليڪشن ائين بغير ڪنهن ڌانڌلي جي ٿيون ته اهوئي نتيجو نڪرندو جيڪو هنن ڪينٽومينٽ بورڊ اليڪشنن جو نتيجو آيو آھي،  ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته نتيجا بلڪل صحيح آهن، جي ايم مگسي لکيو ته سمجھي وڃو 13 سالن کان حڪومت ڪندڙن سنڌ ۾ ڪيترا ڪم ڪيا آهن، سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته نتيجا درست آهن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪينٽومينٽ بورڊ اليڪشن مان سنڌ سرڪار کي سبق سکڻ گهرجي، پ پ جي اها ڪارڪردگي رهي ته ڪا به چونڊ نه کٽي سگهندي. غلام رضا راڄپر، گل حسن شر به سروي ۾ حصو ورتو، نياز سومرو لکيو ته پنجاب ۾ نواز ليگ اهڙو ڪم ڪيو آهي جو پي ٽي آءِ ادارن کي استعمال ڪندي به پنجاب ۾ هارائي نه سگهي، آفتاب لغاري لکيو ته پ پ لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته پ پ کي پنـھنجي ڪارگردگي ڏسڻ کپي، امتياز کوکر لکيو ته پ پ سنڌ ۾ سٺو ڇا ڪيو آهي؟ عبدالله ميراڻي لکيو ته پ پ کي ٻيا صوبا ته پهريائين ئي سمجهي چڪا آهن باقي رهي سنڌ سو ان ۾ به پ پ جي تڏا ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي، ساگر علي رضا لکيو ته هتي نتيجا سدائين ڌانڌلي سان ايندا آهن، جاويد زرداري لکيو ته سليڪشن ٿي آهي، عرفان جروار لکيو ته نتيجا بلڪل صحيح آهن، سجاد علي به سروي ۾ حصو ورتو، خالد لغاري لکيو ته سنڌ مان هنن جو صفايو ٿيندو، اسد انڍڙ، شبير لاشاري، بجار خان جعفري، وفا اظهر علي به سروي ۾ حصو ورتو. گڙداري لال لکيو ته پي ٽي آءِ ٿوري وقت ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي،  بشير ميراڻي لکيو ته نتيجن جي سڀني کي خبر آهي، قربان عالياڻي لکيو  ته سڀ ڪجهڙا آهن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته پ پ پ کي ڀوتار مير نواز پاليسي ناڪام ڪيو آهي، مير محمد نهڙيو لکيو ته سِنڌ ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم وارن جي وڏي هٺ ڌرمي هئي، قادر سنڌي لکيو ته نتيجا صحيح آهن، سليم اختر لکيو ته پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن اهڙا نتيجا ناهن ڏنا، راشد رولاڪ لکيو ته نتيجا ڀلين ڪهڙا به آيا هجن پر حيدرآباد ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ ووٽرن دلچسپي نه ورتي آهي. آفتاب ڪيريو لکيو ته نتيجا فيئر آھن، سينگار علي لکيو ته پي ٽي آءِ مقبوليت ماڻي آهي، طارق خان لکيو ته ٻيهر نواز شريف ايندو