سکر (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي خاتمي واري سکر عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جي يو آءِ جي اڳوڻي سينيٽر علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي تي جوابدار ڌر جا وڪيل پيش نه ٿيا، جڏهن ته فريادي ڌر پاران مولانا طاهر محمود سومرو، وڪيل اطهر عباس، طارق سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت جوابدار ڌر جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.