رياض(م ڊ) سعودي عرب جي حڪومت پاڪستان جي حڪومت کي وڏو رليف ڏيندي پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ  ۾ پيل 3 ارب ڊالر ڪڍرائڻ جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها رقم عمران حڪومي کي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن جي مدد لاءِ ڏني وئي هئي. سعودي جي ناڻي واري وزير محمد الجدان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سعودي عرب جو اهم اتحادي آهي ۽ سعودي عرب ان سان گڏ بيٺل آهي.