اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  عمران خان حڪومت سان ڳالهيون ڪندڙ ٽيم جي ميمبرن شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته حڪومت فوري طور اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ راضي ناهي ته پوءِ ڳالهيون نه ڪيو، حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي ڳالهه ڪري ته پوءِ ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، ذريعن موجب عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته حڪومت جي فوري اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضپي جي صورت ۾ ڳالهيون ڪيون وڃن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 14 مئي تي به اليڪشن نه ٿي ته پوءِ آئين ٽٽي پوندو، آئين ٽٽي پيو ته پوءِ جنهن وٽ طاقت هوندي ان جي ڳالهه هلندي، هن چيو ته اسان سدائين سپريم ڪورٽ جا فيصلا مڃيا آهن، اسان آئين سان گڏ بيٺل آهيون، پي ڊي ايم ۽ اسان جي ڪا به ڀيٽ نه آهي، پهرين ڏينهن کان چوان ٿو ته اليڪشن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪري سگهان ٿو.