اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت پاران ناڻي وزارت کان به رپورٽ طلب، گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ نه فنڊز مليا آهن ۽ نه وري سيڪيورٽي ڏني وئي آهي، پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن پاران رپورٽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، سپريم ڪورٽ فنڊز جي فراهمي تي وفاقي حڪومت کي 17 اپريل تائين ٽيون ڀيرو ڊيڊلائين ڏني هئي، عدالتي حڪم باوجود حڪومت اليڪشن ڪميشن کي فنڊز فراهم نه ڪيا آهن، جڏهن ته  سپريم ڪورٽ پنجاب چونڊن لاءِ فنڊز فراهمي واري معاملي تي ناڻي وزارت کان رپورٽ گهرائي ورتي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس پاران ناڻي وزارت کي نوٽيس اماڻيو ويو آهي عدالت جي خصوصي ميسينجر نوٽيس ناڻي وزارت کي اماڻيو آهي.