اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي  زرداري چيو آهي حڪومت ته پهرئين ڏينهن کان ئي ناڪام آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته صحافين کانئس سوال ڪيو ته ڇا حڪومت فنانس بل تي ناڪام ٿي وئي؟ جنهن تي هن چيو حڪومت ته پهرئين ئي ڏينهن کان ناڪام آهي. يوريا ڀاڻ جي بحران تي آصف زرداري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مان چاهيان ٿو يوريا ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت گهٽ ٿيڻ گهرجي پر حڪومت غريب عوام ۽ هارين جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت معيشت ۽ زراعت کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳل آهي پر پ پ غريب عوام ۽ هارين سان گڏ آهي.