حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو قاسم آباد جي فرياد تي لنڊن ٽائون جي رهواسي 16 ڄڻن خلاف بجلي جي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. حيسڪو قاسم آباد جي ايس ڊي او سهيل احمد ڪٻر جي فرياد تحت قاسم آباد ٿاڻي تي لنڊن ٽائون جي رهواسي اشفاق شاهه، هارون ڪلهوڙو، ممتاز ٿيٻو، خادم حسين، سڪندر ميمڻ، محمد عثمان، عبدالعزيز، محمد ڪامل، جان عالم، محمد ڪاشف، پرديپ، علي حيدر ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته انهن ماڻهن جي گهر ۾ بجلي جا ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل آهن ۽ انهن ڪنيڪشنن ذريعي حيسڪو جي بجلي چوري ڪري سرڪار کي نقصان ڏنو پيو وڃي. قاسم آباد پوليس جيتوڻيڪ بجلي جي چوري جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايل ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل هيٺ اچي نه سگهي آهي.