گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۾ ڳوٺ حاجي حسو خان گپچاڻي جي رهواسين پيئڻ جي پاڻي  جي کوٽ خلاف پ پ جا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن قبول گپچاڻي، مظفر، عطاءُ الله ۽ بين چيو ته ھن جديد دور ۾ به پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھيون، ڳوٺ جا معصوم ٻار اسڪول وڃڻ بدران سڄو ڏينھن پاڻي جي ڳولا ۾ رهن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.