حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 9 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ، سيجن، جهولن ۽ دُلدلن جا سوين ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. ان حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ پڙن جي برآمدگي مهل روشني ۽ صفائي جو بندوبست نه هجڻ تي عزادار رابطا ڪاميٽي ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. سندس سوشل ميڊيا جي گروپن تي اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز به جاري ڪيون وڃن ٿيون پر شهري توڙي ضلعي انتظاميا جلوسن جي گذرگاهن تي صفائي ۽ روشني جو بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. عزادار رابطا ڪاميٽي جي چيف آرگنائيزر زوار عبدالستار درس ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ جلوسن جي گذرگاهن تي روشني ۽ صفائي جو انتظام نه ڪندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.هوڏانهن 7 محرم الحرام تي ٽنڊو مير محمود مان نڪتل جماعتين جو تاريخي پڙ 24 ڪلاڪ گشت ڪرڻ بعد واپس پنهنجي پڙ تي نهر ٿي ويو. اهو پڙ انجمن سفينهءِ حسيني جي اهتمام هيٺ 7 محرم الحرام تي شامل جو ٽنڊي مير محمود مان نڪري لوهار مارڪيٽ، پاڪستاني چوڪ، گل شاهه ۽ پڃرا پور کان ٿي جيئن ئي فقير جي پڙ وٽ پهتو ته لکين عزادار ماتمي جلوس ۾ شامل ٿي ويا ۽ ياحسين عه ياحسين عه، واويلا واويلا ۽ ڪربلا ڪربلا جون صدائون بلند ڪرڻ لڳا. فقير جي پڙ جي چاڙهي وٽ ٿيل ماتمداري، عزاداري ۽ سينا ڪوبي جي منظرن سڄي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. هزارين ماڻهن گهرن جي ڇتين تان ماتمداري جا اها منظر ڏٺا ۽ غمِ حسين عه ۾ پنهنجي اکين مان آب هاريندا رهيا. بعد ۾ اهو پڙ فقير جي پڙ کان ٿيندو پنهنجي مقرر رستن تي هلي گل شاهه جي ميندي ۾ شريڪ ٿيو جتان ماتمي جلوس ۾ شامل عزادار قدم گاهه مولا علي عه تي پهتا. شام ڌاري اهو ماتمي جلوس پنهنجي مقرر پڙ تي پهچي نهر ٿي ويو. ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا. ڏيڍ سئو سالن کان نڪرندڙ تاريخي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي کي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان پڻ مانيٽر ڪيو ويو.