خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ حضرت غازي عباس علمدار جي ياد ۾ زريع مبارڪ، علم ۽ ذوالجناح جو مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه انجمن حيدري مان ايڊووڪيٽ صغير حسين زيديءَ جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيو. عابد حسين نقوي مخصوص نوحو پڙهي جلوس کي منزل طرف روانو ڪيو. مرڪزي جلوس مقرر رستن کان ٿيندو ڇٽي چوڪ وٽ پهتو، جتي مختلف امام بارگاهن مان 300 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي دستا مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي باقر حسين زيدي، عامر حبيب سومرو ۽ ٻين حضرت غازي عباس علمدار کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان بعد عزادارن طرفان زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو. جلوس ۾ شرڪت لاءِ امريڪا، ڪئنيڊا، آسٽريليا، لنڊن سميت ڪراچي، لاهور، ملتان، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن کان وڏي انگ ۾ عزادارن خيرپور پهچي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. تاريخي ماتمي جلوس دوران 20 کان وڌيڪ اسڪائوٽس ۽ شيعا تنظيمن طرفان طبي امدادي ڪئمپون ۽ سبيلون پڻ لڳايون ويون هيون. مرڪزي ماتمي جلوس پنهنجي مقرر ڪيل رستن کان ٿيندو واپس امام بارگاهه انجمن حيدري پهچي پڄاڻيءَ تي پهتو. ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ فل پروف انتظام ڪيا ويا، جلوسن جي روٽن تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن کي ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويو هو.