قمبر( رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ انتظاميا طرفان سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ڄاڻايو آھي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان لڳندڙ بلوچستان جي سرحدي دنگ واري علائقي کي مڪمل سيل ڪري 13 نيون پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آھن، جتان ايندڙ ويندڙ ماڻھن ۽ گاڏين جي چيڪنگ سخت ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ضلعي جي 80 امام بارگاهن مان 10 امام بارگاهن کي انتهائي حساس، 16 حساس ۽ 54 نارمل ڄاڻايون ويون آھن. جڏهن ته ضلعي ۾ 9 ۽ 10 محرم تي 60 مجلسون ٿينديون جن مان 7 انتهائي حساس ۽ 19 کي حساس قرار ڏنو ويو آھي جڏھن ته 9 ۽ 10 محرم تي ضلعي مان ننڍا وڏا 107 ماتمي جلوس نڪرندا جنهن ۾ 13 انتهائي حساس ۽ 42 حساس قرار ڏنا ويا آھن. اهڙي طرح ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي نگراني لاءِ 2643 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيا ويا آهن. جڏھن ته رينجرس کي به مقرر ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آھي. اهڙي طرح ماتمي جلوسن جي گذرڻ وارن رستن تي سي سي ٽي ڪيميرائون نصب ڪيون وينديون.